گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ورڪنگ گروپ پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري جو فيصلو من ماني ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گرفتاري خلاف ذوالفي بخاري جي مشهور لا فرم ذريعي گڏيل قومن ۾ داخل پٽيشن تي يو اين ورڪنگ گروپ جي قانوني راءِ سامهون آئي آهي جنهن ۾ عمران خان کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ورڪنگ گروپ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري جو ڪوبه جواز نه آهي. ظاهري طور تي ان جو مقصد ان کي نااهل ڪرڻ هو. رپورٽ ۾ حڪومت کان ورڪنگ گروپ کي پاڪستان جي دوري ۽ پي ٽي آءِ باني جي قيد ۾ حالتن جي آزادانه جاچ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ورڪنگ گروپ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي دفاع جو حق نه ڏنو ويو. وڪيل صفائي کان جرح جو حق وٺي سرڪاري وڪيل کي ڏنو ويو. ورڪنگ گروپ چيو آهي ته انهي معاملي تي پاڪستاني حڪومت جو موقف ڄاڻڻ جي لاءِ رابطو ڪيو ويو پر اڃان تائين ڪوبه جواب نه ملي سگهيو آهي.