پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي عمر ايوب جي استعيفيٰ کي رد ڪري ڇڏيو

 پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي عمر ايوب جي استعيفيٰ کي رد ڪندي پي ٽي آءِ باني کان فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ عمر ايوب جي استعيفيٰ کي رد ڪيو ويو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪور ڪميٽي جي بيرسٽر گوهر سفارش پي ٽي آءِ باني تائين پهچائيندي جڏهن ته ڪور ڪميٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو به فيصلو ڪيو آهي. اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين کي به ڪور ڪميٽي جي تجويز جي درخواست ڪنداسين پارٽين ۾ ڪجهه ڊسيپلين جا معاملا ضرور هوندا آهن. ٻئي طرف ڪور ڪميٽي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب خان جي استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي قرارداد به منظور ڪري ورتي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪور ڪميٽي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب طرفان انتهائي ڏکين ۽ آزمائشي حالتن دوران پارٽي جي لاءِ پيش ڪيل خدمتن جي تعريف ڪري ٿي.