وزيراعظم شهباز شريف جي تاجڪستان جي هم منصب سان ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف دوشنبي ۾ تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وزيراعظمن وچ م ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو ارادو ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف تاجڪ وزيراعظم کي ٽئين اعليٰ سطحي آبي ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ آبي سفارتڪاري جي شعبي ۾ تاجڪستان جي قائدانه ڪردار جي تعريف ڪئي وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي معاهدي تي صحيحن کي پاڪستان ۽ تاجڪستان جي لاڳاپن ۾ سنگ ميل قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته انهي معاهدي سان مفيد اقتصادي تعاون جي نئين شعبن کي هٿي حاصل ٿيندي. پاڪستان پنهنجي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي موجب تاجڪستان سميت وچ ايشيائي ملڪن سان رابطن کي وڌيڪ هٿي جاري رکندو. هن خطي جي پائيدار ۽ ڊگهي مدي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي خطي ۾ علاقائي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف تاجڪ وزيراعظم کي ڪراچي بندر گاهه کي ٽرانزٽ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريل ٽريڪس ۽ روڊن جي تعمير سان علائقائي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم وچ ايشيائي ملڪن کي واپاري راهداري ڏيڻ ۽ علائقائي واپار کي هٿي جي لاءِ پاڪستان طرفان علاقائي ڪينٽيوٽي سمت جي ميزباني جي تجويز پيش ڪئي.