بالي، نوجوان نسل جمهوريت کي پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي: بلاول ڀٽو

بالي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوجوان نسل کي جمهوريت ۾ پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهڻو پوندو انڊونيشيا جي شهر بالي ۾ افغان عورتن جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪابه قوم قانوني، سياسي، سماجي، معاشي ۽ فيصله سازي جي عمل ۾ عورتن کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي. پاڪستان جو آئين عورتن جي تعليم جي حقن کي مڃي ٿو. پاڪستان کي بينظير ڀٽو جهڙين بااختيار عورتن تي فخر آهي پرڏيهي وزير چيو ته نئين نسل کي جمهوريت ۾ پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اٿڻو پوندو. اميد آهي ته نفرت جي سياست تي قابو ڪري وٺنداسين. اسان ورهاست جي سياست کي اتحاد جي سياست سان شڪست ڏينداسين، سچ جي سياست سان ڪوڙ جي سياست ختم ٿي ويندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دنيا ۾ ترقي جي لاءِ تعليم جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. عورتن جي تعليم تي سرمائيڪاري قوم جي مستقبل تي سرمائيڪاري آهي. معاشري کي اهڙي ماحول جي ضرورت آهي جيڪو عورتن کي بااختيار بنائي

پنھنجي راءِ لکو