شير افضل مروت جهڙا ماڻهو حادثاتي طور تي سياست ۾ ايندا آهن، هنن جو ڪم ڊرائيوري ڪرڻ آهي: فواد چوڌري

اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي ڊرائيور چئي ڇڏيو آهي. هڪ انٽرويو دوران فواد چوڌري شير افضل مروت بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته هي سمورا ڊرائيور ليول جا ماڻهون آهن جيڪي  حادثي طور تي کٽي آيا آهن، انهن جون سياسي  خدمتون ڪهڙيون آهن انهي جي باري ۾ عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿو فواد چوڌري چيو ته شير افضل مروت پنهنجي پٽ کي ئي غلط لفظين سان نوازي ڇڏيو، انهي ۾ عقل ئي نه آهي جيستائين عمران خان جيل ۾ بند آهي انهي وقت تائين فلم بند آهي، هي سڀ ايٽم سانگ هلي رهيا آهن انهي کي ڏسي انجواءِ ڪريو. اڳوڻي آرمي چيف بابت ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته جنرل قمر جاويد باجوه سٺو ماڻهو آهي ان جي خلاف نٿو ڳالهائڻ چاهيان پر مان انهي سان ملي پڇڻ چاهيان ٿو ته انهي اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو؟ جنرل باجوه کي چيو هو ته اليڪشن ڪرايو، پر هن(ن) ليگ کي چيو ته اليڪشن ناهي ڪرائڻي. جيڪڏهن موجوده آرمي چيف سان اسان جو رابطو هجي ها ته شيون خراب نه ٿين ها. ياد رهي ته گذريل ڏينهن صحافين سان ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت اڳوڻي وفاقي وزير تي تنقيد ڪندي چيو هو ته فواد چوڌري جو حق نٿو بڻجي ته اهو پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت تي تنقيد ڪري، فواد چوڌري ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس کي ڏسي ائين ڀڄي رهيو هو جيئن هاٿي ڀڄي رهيو هجي، فواد چوڌري جي انهي ڀڄڻ واري عمل پوري پي ٽي آءِ جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو هو.