اسلام آباد، توشه خانه جي گهڙي خريد ڪندڙ مبينه واپاري محمد شفيق جو بيان سامهون اچي ويو آهي توشه خانه جي گهڙي خريد ڪندڙ مبينه واپاري دعويٰ ڪئي آهي ته مون ڪابه گهڙي خريد ناهي ڪئي نه ئي مون کي ان جي ڪا خبر آهي. منهنجو دوڪان اسلام آباد سيڪٽر ايف سيون جناح سپر گول مارڪيٽ ۾ هئو هن چيو ته منهنجي خلاف پروپيگنڊا هلي رهي آهي ته مون تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهڙي خريد ڪئي پر مون ڪابه گهڙي خريد ناهي ڪئي نه ئي مون کي ان جي خبر آهي. نه اهو بل منهنجو آهي نه صحيح ۽ نه بل تي لکت منهنجي آهي.
واپاري محمد شفيق وڌيڪ چيو ته منهنجي اسٽيمپ وغيره جو غلط استعمال ٿيو آهي، مون کي هر طرف کان پريشاني ٿي رهي آهي، مان اهڙين سمورين ڳالهين جي ترديد ڪريان ٿو منهنجو ان معاملي سان ڪوبه تعلق نه آهي.
هن چيو ته مان ان لاءِ خاموش هئس ته شايد خاموشي ٿي وڃي، پر جيڪڏهن هاڻ مون کي هن معاملي ۾ ڪنهن به شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪندس ٻئي طرف عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي زلفي بخاري سان ڳالهين جي هڪ مبينه آڊيو به سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻئي عمران خان جي گهڙي کي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن
