ڪنڌڪوٽ ،تنگواڻي,شهر مان معصوم مسرور بکراڻي ۽ نوجوان محمد بخش لاشاري جي بازيابي لاء شهرين سياسي سماجي اڳواڻن رحمدل لاشاري ۽ ڪفايت الله کوسو, ربڏنو ملڪ,مغوي جي پيءۡ سان گڏ ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ مانجهي اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ٽائرن کي باهيون روڊ بلاڪ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڏھ ڏينهن گذرڻ معصوم مسرور بکراڻي جي هٿياربند اغوا ڪري ويا,۽ محمد بخش لاشاري به ڌاڙيلن وٽ قيد آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو رڳو ڪوڙا دلاسا ڏيئي رهيا آهن,هنن اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت سخت تحريڪ جاري رهندو
