ٽربيونلز جي جوڙجڪ: سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا

 سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا فيصلا معطل ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت فيصلي تي اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير چيو ته نيازالله نيازي جنهن جو وڪيل آهي انهي ڌر بنجڻ جي استدعا ڪئي آهي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو هو چيف جسٽس چيو ته عدالت کي تمام گهڻو اسڪينڊلائز ڪيو ويو آهي هاڻ گهڻو ٿي چڪو، ڇو نه نيازالله نيازي جو ڪيس ڊسپلٽري پاڪستان بار ڏانهن اماڻيون؟ گذريل ٻڌڻي تي 2 رڪني بينچ جو به مان سربراهه هئس؟ تڏهن اعتراض  ڇو نه ڪيو ويو؟ بينچ مان اڪيلو نه پر پوري ڪميٽي ٺاهيندي آهي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان کي ڪميٽي بينچ ۾ شامل ڪيو آهي. ڇا اسان هتي بيعزتي ڪرائڻ لاءِ ويٺا آهيون؟ اسان 3 ميمبر بينچ ۾ بعد ۾ شامل ٿياسين، ظاهري طور تي مون تي اعتراض آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل نيازالله نيازي جواب ڏنو ته اسان کي اوهان تي اعتراض نه آهي. نيازالله نيازي چيو ته پهرين ٻڌڻي ۾ اسان ڌر نه هئاسين، جيڪو شخص جيل ۾ آهي ان جو به اعتراض آهي، مان پنهنجي موڪل جي چوڻ تي اعتراض ڪري رهيو آهيان،  جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جنهن شخص جو ذڪر ڪري رهيا آهيو اهو جيل  مان وڊيو لنڪ تي پيش ٿي چڪو آهي. انهي ته بينچ تي ڪوبه اعتراض نه ڪيو هو. چيف جسٽس چيو ته بينچ تي اعتراض اٿاري هيڊ لائنز بنجڻ چاهيو ٿا، سپريم ڪورٽ کي اسڪينڊلائز ڪندڙ وڪيل جو لائسنس معطل ڪنداسين ائين نٿو ٿي سگهي جيڪو اوهان کي اچي اهو چئي ڇڏيو، بس  هاڻ گهڻو ٿي ويو، اوهان ماڻهو ڪيس خراب ڪرڻ چاهيو ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت بينچ تي نيازالله نيازي جو اعتراض رد ڪندي ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو عدالت ڪجهه دير بعد ئي فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حلف کان فوري بعد اليڪشن ڪميشن ۽ ميمبر چيف جسٽس سان مشاورت ڪن. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيس کي ٻڌڻي هيٺ رکيو وڃي ٿو. اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي وچ ۾  ڪميونيڪيشن نه ٿي آهي، جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ معاملو چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي مشاورت تي ڇڏي ڏنو.