تحريڪ انصاف کي 6 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ملي وئي

اسلام آباد جي ضلعي انتظاميه پاڪستان تحريڪ انصاف کي 6 جولاءِ تي ترنول اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اسٽيٽ ڪونسل عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ کي ترنول چوڪ وٽ 6 جولاءِ تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين او سي جاري ٿيڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل جي درخواست اڪلائي ڇڏي. گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو هو ته 6 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو، هن چيو ته جلسو عمران خان جي آزادي ۽ مهانگائي خلاف هوندو.