حيدرآباد،سنڌ جي مٿان سمورن مصيبتن جو سبب جاگيردار طبقو آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي سالميت سميت ملڪ اندر پيدا ٿيل سياسي ۽ سياسي بحرانن جو واحد حل 1940 جي قراداد جي روح تحت ملڪ جي تشڪيل نو سان آهي، جنهن ۾ ملڪ ۾ شامل سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن. پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ سنڌي پختون پنجابي بلوچ ۽ سرائيڪي قومون رهن ٿيون. انهن جا تاريخي مادر وطن آهن، جن تي مشتمل پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي. ان فيڊريشن ۾ شامل قومن جي مادر وطنن جي جاگرافيائي حدن سان ڇيڙ ڇار ڪرڻ جو ڪنهن کي به اختيار ناهي هن وڌيڪ چيو ته هن وقت سنڌ هزارين سالن کان سنڌين جو تاريخي مادر وطن آهي، جنهن جي وحدت خلاف ڪابه ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته تازو جيڪا نون صوبن جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، اها مڪمل بدديانتي ۽ سنڌ دشمني تي مبني آهي. جنهن کي سنڌ مڪمل رد ڪري ٿي جيڪڏهن ڪنهن جي دماغ ۾ اها هوا آهي ته اهو سنڌ جي سرحدن سان ڇيڙڇاڙ ڪري سگهندو ته اها ان جي ڀل آهي، سنڌ جا ست ڪروڙ ماڻهو پنهنجي مادر وطن جي حفاظت ڪندا پر سنڌ جي هڪ انچ تان به دستبردار نه ٿيندا ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مٿان سمورن مصيبتن جو سبب جاگيردار طبقو آهي، جيڪو هميشه موقعي پرستي ڪندي پنهنجي خصيص مفادن خاطر سنڌ جي اجتماعي قومي مفادن جو وڪرو ڪندو رهيو آهي.
ان جاگيردارن کي ڪمزور ڪرڻ جو واحد حل انهن کان ووٽ جي طاقت کسي کين اقتدار کان محروم ڪرڻ ۾ آهي. ان لاءِ سنڌ جي عوام کي هاڻي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي وطن جي بقاءُ ۽ ترقي جي لاءِ پورهيت ۽ سنڌ دوست ڌرين کي ووٽ ڏئي سنڌ جي ترقي خوشحالي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

پنھنجي راءِ لکو