عمران خان کي جيل ۾ سهولتون ڏنيون وڃن، تحريڪ انصاف صدر ۽ وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو

 تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي. جوڊيشل ايڪٽوزم پينل جي سربراهه اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان اماڻيل خط جي متن  ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ قانون موجب سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، کيس ماڻهن سان ملڻ به نه پيو ڏنو وڃي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ  باني جي ملاقاتن ۾ ڇو رنڊڪون وڌيون پيون وڃن؟ پي ٽي آءِ باني کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، کيس جيل ۾ سهولتون نه ڏنيون ويون ته اعليٰ عدالتن سان رابطو ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي عمران خان اڊيالا جيل ۾ سهولتن جي عدم فراهمي جو الزام لڳائي بک هڙتال ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو.