صدر زرداري لاهور پهچي ويو، اهم ملاقاتون ڪندو

صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو، پنجاب جي گورنر سليم حيدر، راجا پرويز اشرف ۽ حسن مرتضيٰ ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي. آصف علي زرداري پنهنجي دوري دوران گورنر هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو، هو سڀاڻي پروفيسر وارث مير جي ورسي جي سلسلي ۾ سيمينار ۾ به شريڪ ٿيندو.