ٺڪراٺو ڀرسان قرضين کان تنگ اچي نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ صلاح کوکر ۾ 28 سالا نوجوان شھمير کوکر قرضين کان تنگ اچي زھريلي دوا پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو سندس جي وارثن جو چوڻ آھي تہ فصل برساتن سبب لڙھي وڃڻ ۽ قرضدارن پاران مسلسل تنگ ڪرڻ سبب نوجوان پريشان رھندو ھو جنھن زندگي مان تنگ اچي خودڪشي ڪئي آھي ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي مبارڪپور پوليس ٻڌايو تہ واقعي جو اطلاع مليو آھي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا خودڪشي جا ڪارڻ ڪھڙا آھن
