ڪراچي، ڪراچي جي عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سميت 8 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جي عدالت ۾ ٿي جنهن ۾ عدالت سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام اويس سميت 8 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي. جڏهن ته جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي گواهن کي طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته ناظم جوکيو جي وارثن ڄام اويس سميت 5 جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن عدالت جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏي ته اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي
