ملتان ٽيسٽ،پاڪستاني جي سموري ٽيم 202 رنسن تي آئوٽ، انگلينڊ کي 79 رنسن جي برتري حاصل

ملتان، ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستاني ٽيم پهرين سيشن کان اڳ ئي 202 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جنهن کان پوءِ انگلينڊ جي ٽيم کي 79 رنسن جي برتري حاصل آهي ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ميچ جي شروعات پاڪستان 2 وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسن سان ڪيو پر پهرين سيشن ۾ ڪپتان بابر اعظم 75 ۽ سعود شڪيل 63 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ وڪيٽن جي لائن لڳي وئي ان کان پوءِ محمد رضوان 10، محمد نواز 1، فهيم اشرف، 22، محمد علي ۽ زاهد محمود ڪابه رنس نه ٺاهي سگهيا جڏهن ته ابرار احمد 7 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو ،ٻئي ڏينهن جي پهرين سيشن ۾ ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ جي بالر اولي رابنسن جي بال تي 76 رنسن تي بولڊ ٿي ويو جنهن کان پوءِ سعود شڪيل جيڪ ليچ جي بال تي جسمس اينڊريسن کي ڪيچ ڏئي ويٺو ۽ 63 رنسن تي پويلين واپس موٽي ويو. محمد رضوان کي به جيڪ ليچ بولڊ ڪري ڇڏيو ان کان پوءِ جوروٽ آغا سلمان ۽ محمد علي جڏهن ته جيڪ ليچ محمد نواز جي وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب رهيا. زاهد محمود ۽ فهيم اشرف جون وڪيٽون به مارڪ ووڊ حاصل ڪيون

پنھنجي راءِ لکو