لنڊن، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف چيو آهي ته برطانيه جي سڀني کان وڏي اخبار ڊيلي ميل شهباز شريف جي خلاف ثبوت نه هجڻ تي معافي گهري ورتي آهي، ڪنهن جي معصوميت ۽ بي گناهي جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو گهرجي لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي نوازشريف چيو ته عمران خان جي چوڻ تي شهزاد اڪبر شهباز شريف تي ڪوڙا الزام لڳايا. ان الزام تي برطانيه جي سڀني کان وڏي اخبار ڊيلي ميل ثبوت نه هجڻ تي معافي گهري ورتي آهي. مني لانڊرنگ، ڪرپشن، ڪميشن، ڪڪ بيڪس طرفان شهباز شريف مٿان ڪوڙا الزام لڳايا ويا. نيشنل ڪرائيم ايجنسي الزامن جي جاچ ڪري شهباز شريف کي ڪلين چٽ ڏئي چڪي آهي هن چيو ته برطانيه ۾ نه پي ايم ايل اين جي حڪومت آهي نه ئي وري تحريڪ انصاف جي. برطانيه آزاد جمهوري ملڪ آهي جتي عوام جي حڪمراني آهي. انهي ملڪ جي وڏي اخبار به معافي گهري ڇڏي آهي ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت هجي؟ ڊيلي ميل جي معافي کان پوءِ عمران خان، سندس پارٽي ۽ شهزاد اڪبر کي پنهنجو ڪنڌ شرم وچان جهڪائڻ گهرجي اهي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيا ،اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جسٽس شوڪت صديقي ۽ جج ارشد ملڪ ڇا چئي ويا، پاڻ ثاقب نثار جي آڊيو ليڪس ٿي. اهي سڀ اسان جي بي گناهي جا ثبوت آهن. مريم نواز جي حق ۾ فيصلو به ثبوت نه هجڻ تي ڪيو ويو. عمران خان مٿان رڳو ڪرپشن جا الزام نه آهن پر هن جي مٿان ثابت ٿيل ڪرپشن جا ڪيس آهن. هر پاڪستاني ٻار جي زبان تي توشه خانه چوري جا قصا آهن. مٿي کان پيرن تائين ڪرپشن ۾ ملوث شخص اسان جي مٿان الزام لڳائي رهيو آهي نوازشريف وڌيڪ چيو ته اسان تي ته مفت ۾ ڪيس ٺهندا رهيا ۽ مفت ۾ جلا وطن ڪيو ويو منهنجي مٿان ته هاءِ جيڪنگ جو ڪيس ٺاهيو ويو، پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي مون کي نااهل ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جو اڄ اهڙو حال ڪيو ويو آهي جو غريب پنهنجن ٻارن جو پيٽ به نٿو پالي سگهي. 2017 ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو. ان وقت کاڌي پيتي وارين شين جون قيمتون گهٽ هيون، اٽي ۽ دال جون قيمتون به گهٽ هيون، بجلي سستي هئي، اسان بجلي جي کوٽ کي پورو ڪيو. اسان اهي آهيون جنهن پاڪستان جي معيشت کي ترقي ڏني، هر شعبي ۾ اسان جون خدمتون قوم جي سامهون آهن جيڪڏهن اڃان به ڪير به سنجهي ته پوءِ کين ڪيئن سمجهائجي (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته ڪنهن به هڪ منصوبي جو نالو ٻڌايو جنهن جي بنياد عمران خان رکي هجي، ڪو هڪ منصوبو ٻڌايو جيڪو هي فخر سان چئي سگهي ته اهو منصوبو اسان شروع ڪيو ۽ مڪمل ڪيو. هنن خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ميٽرو ٺاهي انهن تي به هنن اربين روپين جو خرچ ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪيس هاڻ نيب ۾ هلي رهيو آهي. بلين ٽري ۽ القادر ٽرسٽ جا جڏهن تفصيل سامهون ايندا ته عوام جا ڇرڪ نڪري ويندا. انهن منصوبن ۾ 50 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان اهي آهيون جنهن ايٽمي ڌماڪا ڪيا، موٽر وي ٺاهيا، اسان ملڪ کي بجلي جي بحران مان ڪڍيو ۽ نوان منصوبا لڳايا پر هڪ ماڻهو پاڻ ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي ۽ اهو ٻين تي الزام لڳائي رهيو آهي
84