پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالر قرض جو معاهدو طئي ٿي ويو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالر قرض جو معاهدو طئي ٿي ويو. آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ ايم ايف جو پاڪستان سان تقريبن 7 ارب ڊالر جو اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو. ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 13 کان 23 مئي جي دوران ڳالهيون ٿيون آءِ ايم ايف جو اضافي قرض سهولت پروگرام 37 مهينن جي مدي لاءِ هوندو. پاڪستان سان معاهدو آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي منظوري سان مشروط هوندو. پاڪستان کي پنهنجي مالياتي پارٽنرز طرفان فنانسنگ جو يقين ڏيارڻو پوندو. پڌرائي موجب حڪومت کي ٽيڪس روينيو ۾ ڏيڍ سيڪڙو اضافو ڪرڻو پوندو. جڏهن ته ريٽيل، ايڪسپورٽ ۽ زراعت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو. صوبا پنهنجن ذريعن کان ٽيڪس وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻندا. خدمتن تي سيلز ٽيڪس ۽ زرعي انڪم ٽيڪس کي وڌائڻو پوندو. جڏهن ته قانوني رنڊڪن کي پهرين جنوري 2025 کان اڳ ختم ڪيو ويندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، تعليم ۽ صحت جي بجيٽ ۾ پڻ اضافو ڪرڻو پوندو.