مني لانڊرنگ ڪيس: مونس الاهي اشتهاري قرار، ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم

اسپيشل سينٽرل عدالت لاهور مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي سميت 9 جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي 9 جوابدارن جو اڻ مڪمل چالان عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن ۾ مونس الاهي  سميت 6 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو ايف آءِ اي عدالت کان مونس الاهي سميت 9 جوابدارن جي ملڪيت منجمد ڪرڻ جي استدعا ڪئي، عدالت مونس الاهي ۽ ضيغم عباس سميت 8 جوابدارن جون ملڪيتون منجمد ڪرڻ جو حڪم جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ مونس الاهي ۽ ضيغم عباس جي وڪيل ملڪيتون منجمد ڪرڻ بابت دليلن جي مهلت گهري جنهن تي عدالت کيس 20 آگسٽ تائين دليل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جج چالان تي شروعاتي ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪندي چيو ته ايف آءِ اي موجب مونس الاهي جي گرفتاري لاءِ انٽرنيشنل پوليس سان رابطي ۾ آهيون ۽ انٽرپول انهي جا ريڊ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. مونس الاهي سميت زارا الاهي تي به ڪڪ بيڪس جا الزام آهن. ياد رهي ته گذريل سال 6 جون تي ايف آءِ اي مونس الاهي تي مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو هو. ايف آءِ اي طرفان ڪيس ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا ويا هئا. ايف آءِ اي جاچ آفيسر موجب زارا الاهي پنهنجي آمدني ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي آهي.