پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز 14 آگسٽ کان 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ سولر پينل جي ورهاست شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مريم نواز پنهنجي بيان ۾ چيو ته 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ 14 آگسٽ کان مفت سولر پينل حاصل ڪري سگهندا، هن وڌيڪ چيو ته 200 کان وڌيڪ ۽ 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي سولر پينل 10 سيڪڙو معاوضي جي ادائيگي تي ملندا پنجاب جي گهرو وزير چيو ته سولر پينل جي فراهمي بينڪن جي ذريعي ٿيندي. سولر پينلز جي فراهمي سان بجلي بل ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ايندي، عوام کي رليف ڏيڻ ئي منهنجو مشن آهي، مشڪل حالتون آهن پر عوام سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب ڪابينه 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 10 سيڪڙو قيمت تي سولر پينل فراهم ڪرڻ جي منصوبي روشن گهراڻي جي منظوري ڏني هئي، انهي منصوبي جي تحت 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي سولر پينل جي 90 سيڪڙو قيمت پنجاب حڪومت ادا ڪندي.