لاهور، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ بريت جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
گهرو وزير راڻا ثناءُالله منشيات جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيو جتي هن پنهنجي وڪيل ذريعي ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪئي. راڻا ثناءُالله طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته منهنجي مٿان ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو ان ڪري مون کي بري ڪيو وڃي ٻڌڻي دوران گهرو وزير جي وڪيل فرهاد شاهه پنهنجي موقف ۾ چيو ته منشيات هٿ ڪندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر امتياز احمد به الزامن جي ترديد ڪري رهيو آهي ۽ انسپيڪٽر احسان اعظم به ترديد ڪري ڇڏي آهي راڻاثناءُالله جي وڪيل جي موقف تي سرڪاري وڪيل عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته هنن کي پابند ڪريو ته اڄ ئي بحث ڪن جنهن تي راڻا ثناءُالله جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته درخواست ته داخل ڪرڻ ڏيو. جنهن کان پوءِ عدالت بريت جي درخواست تي دليلن جي لاءِ ٻنپهرن جو 2 وڳي جو وقت ڏئي ڇڏيو پيشي کان پوءِ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته نوازشريف کي درخواست ڪئي آهي ته هو واپس اچي چونڊ مهم هلائي، هن اسان جي درخواست کي منظور ڪري ورتو آهي جلد هو ملڪ واپس ايندو. راڻا ثناءُالله چيو ته نيازي هاڻ ڊرامو ڇڏي اسيمبلين کي ٽوڙي، تحريڪ انصاف اڃان تائين اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ناهي ڪري سگهي هن وڌيڪ چيو ته فوج منظم ادارو آهي اتي ڪنهن ٻئي ماڻهو جي پاليسي ناهي هلندي، فوج ۾ اداري جي پاليسي هوندي آهي پوءِ اها چاهي صحيح هجي يا غلط. پاليسي اداري جي هوندي آهي. جيڪا پاليسي اڳ هئي اها به اداري هئي، جيڪا مداخلت ٿي رهي هئي اها به اداري جي پاليسي تحت ٿي رهي هئي گهرو وزير چيو ته جڏهن سياست ۾ عدم مداخلت جو فيصلو ٿئي ته اهو به اداري جو فيصلو آهي، اهو آرمي چيف يا هڪ ماڻهو جو نه پر اداري جو فيصلو آهي. اها ڳالهه ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ قوم جي سامهون چئي آهي ۽ ڪمٽمنٽ ڪئي آهي اسان کي پورو ڀروسو آهي ته اهڙي قسم جي ڪمٽمنٽ کي ادارو نڀائيندو.
راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته عمران خان مون کي ڪڏهن به ڳالهين جي دعوت نه ڏيندو ۽ نه ئي وري ڏني آهي. پي ڊي ايم غير مشروط ڳالهين جي لاءِ تيار آهي. عارف علوي وچ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته اهي معيشت تي ٿيڻ گهرجن
