عدت نڪاح ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي مليل سزائون ڪالعدم قرار، آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلون منظور ڪندي کين باعزت طور  آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي خاور مانيڪا جي ٻنهي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا جي خلاف مرڪزي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي خاور مانيڪا جي وڪيل دليل ڏنا ته ٽرائل جي دوران پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن طرفان گواهه آڻڻ جو چيو ويو، جيڪڏهن ڪو گواهه آڻڻ چاهي ٿو ته اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي. بشريٰ بي بي ڪنهن به جڳهه مفتي سعيد کي نه چيو ته منهنجي عدت پوري ٿي وئي آهي. انهن جي وڪيل ڪيترائي ڀيرا چيو ته بشريٰ بي بي جو بيان حتمي هوندو. ڪٿي آهي اهو بيان جنهن ۾ لکيل آهي ته بشريٰ بي بي عدت جي دوران نڪاح نه ڪيو وڪيل چيو ته خاور مانيڪا ته ڪنهن به جڳهه ناهي چيو ته مان فقه حنفيه يا شافعي کي مڃيندڙ آهيان، مان ته مسلمان هجڻ جي ناتي شڪايت داخل ڪرائي آهي ۽ اسلام موجب انصاف گهرجي. پهريون نڪاح ٿي ويو هو ته ٻيو نڪاح ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ان جو مطلب آهي پهريون نڪاح ڪوڙو هو. خاور مانيڪا جي وڪيل دليل مڪمل ڪري سيڪشن 436 ۽ سيڪشن 494 ۾ به سزا ڏيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. بشريٰ بي بي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 342 جي بيان ۾ سوال نمبر 2 ۾ بشريٰ بي بي جو بيان موجود آهي طلاق جي ٽن کان چئن مهينن کان پوءِ خاور مانيڪا به شادي ڪري ورتي ۽ انهي جي چئن سالن جي ڌيءَ به آهي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان اڪرم راجه جوابن تي دليل ڏيندي چيو ته هڪ شيءَ ۾ نقص ٿي سگهي ان کي ڪوڙو نٿا چئي سگهون، 90 ڏينهن جو وقت آهي هن ڪيس ۾ غير متعلقه آهي، طلاق جو نوٽيس خاور مانيڪا ناهي ڏنو ته 90 ڏينهن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ليگل غلطي ته ٿي سگهي ٿي پر انهي کي ڪوڙو نٿا چئي سگهون. سلمان اڪرم راجا جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت اپيلون منظور ڪندي ٻنهي کي بري ڪري ڇڏيو.