اسلام آباد، يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه، کير، نوڊلز، ڪيچپ، جيم، ٻارن جي خشڪ کير، بسڪٽ سميت ڪيترين ئي برانڊڊ شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي يوٽيلٽي اسٽورز طرفان گيهه، کير سميت ڪيترين ئي برانڊڊ شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي نوٽيفڪيشن موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي برانڊڊ گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 71 روپيه في ڪلو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ برانڊڊ گيهه 397 روپين مان وڌي 468 روپيه ڪيو ويو آهي ٻارن جي 800 گرام خشڪ کير جي ڊٻي جي قيمت ۾ 120 روپين جو اضافو ڪيو ويو، ٻارن جي خشڪ کير جي 800 گرام ڊٻي جي قيمت 1690 روپين مان وڌائي 1810 روپيه ڪئي وئي. هڪ ڪلو برانڊڊ ديسي گيهه جي قيمت ۾ 220 روپين تائين اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ برانڊڊ ديسي گيهه 1200 مان وڌي 1420 روپين جو ٿي ويو 200 گرام ملڪ ڪريم جي قيمت ۾ 21 روپيه اضافو ڪيو ويو جيڪا هاڻ 153 روپين مان وڌي 174 روپين جي ٿي وئي. چئن پيڪن واري نوڊلز جي قيمت 207 روپين مان وڌي 227 روپيه ڪئي وئي جنهن ۾ 20 روپين جو اضافو ٿيو. 800 گرام ٽماٽو ڪيچپ جي قيمت ۾ 30 روپين جو اضافو ڪيو ويو جيڪو 288 روپين مان وڌي 318 روپين جو ٿي ويو 800 گرام لوڻ جي قيمت ۾ 10 روپيه 440 گرام صوف ۽ انب جي جيم جي قيمت ۾ 29 روپين جو اضافو ڪيو ويو. مختلف برانڊز جا بسڪيٽ، مصالن ۽ ٽوائلٽ سوپ جي قيمت ۾ به اضافو ڪيو ويو
