خيبرپختونخواهه حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي تي نئين توشه خانه ڪيس جي خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪي پي ڪي حڪومت جي اينٽي ڪرپشن بابت خاص مددگار مصدق عباسي چيو ته عدت ۾ نڪاح ڪيس جيان توشه خانه ڪيس به بي بنياد آهي، هڪ جهڙن ڪيسز کي ڌار ڌار هلائي پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ رکيو پيو وڃي مصديق عباسي چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪيو ويو، ڏوهه اهو آهي ته تحفا توشه خانه ذريعي ناهن ورتا ويا، اهو به فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ته تحفن جي قيمت گهٽ لڳائي وئي ۽ تحفن جي رڪارڊ کي تبديل ڪيو ويو. ياد رهي ته ان کان اڳ به عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشه خانه ڪيس ۾ عدالت سزا ٻڌائي هئي جنهن کي بعد ۾ ٻئي عدالت ختم ڪندي ٻنهي کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو هو. گذريل ڏينهن ايڊيشنل سيشن عدالت اسلام آباد عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي عدت نڪاح ڪيس ۾ ڏنل سزائون معطل ڪندي ٻنهي کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.