ڪوئٽه، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، حافظ حسين احمد ٻيهر جي يو آءِ ۾ شامل

ڪوئٽه، حافظ حسين احمد ٻيهر جمعيت علماءِ اسلام(ف) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي حافظ حسين احمد جي ڪوئٽه ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏنا مول،انا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ حافظ حسين احمد ٻيهر جي يو آءِ(ف) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. ذريعن موجب حافظ حسين احمد پارٽي ۾ بنا ڪنهن مشروط جي شموليت اختيار ڪئي آهي ياد رهي ته ڊسمبر 2020 ۾ جي يو آءِ جي ان وقت جي ترجمان حافظ حسين احمد مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي ڪوئٽه ۾ پي ڊي ايم جلسي سان تڪراري خطاب کان اختلاف ڪندي ان جو ذاتي بيان قرار ڏيندي لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو جنهن تي کيس پارٽي ترجماني تان معطل ڪيو ويو هو. پارٽي پاليسين کان هٽي ڪري بيان ڏيڻ تي حافظ حسين احمد ۽ مولانا محمد خان شيراني سميت 4 ٻين اڳواڻن کي پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو پر ڊسمبر 2020 ۾ ان چئني اڳواڻن کي پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي پارٽي مان ڪڍيو ويو هو

پنھنجي راءِ لکو