مذمت جو وقت ختم، هاڻ مزاحمت ڪنداسين، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي: اسد قيصر

 پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته هاڻ مذمت جو وقت ختم ٿي ويو آهي، هاڻ مزاحمت ڪنداسين، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته خبر پئي آهي ته اسان جي ايم اين اي امير سلطان کي اغوا ڪيو ويو آهي، ڇا هي ملڪ ائين ئي هلندو ته ماڻهن جون وفادايون تبديل ڪيون وينديون، عدليه جي هاڻ ڪابه عزت نه رهي آهي اسد قيصر چيو ته عدليه جي فيصلن خلاف کليل بغاوت آهي ڇا انهي زور زبردستي سان اوهان حڪومت هلائي سگهندو، اسان پاڪستاني آهيون ۽ اسان قانون ۽ آئين جي اندر رهندي پنهنجي جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته اسان جو  پهريون مطالبو آهي ته اسان جي ايم اين ايز کي پنهنجو فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي. ايم اين اي امير سلطان کي فوري طور تي آزاد ڪريو، سپريم ڪورٽ ۽ اعليٰ عدليه کان درخواست ڪريان ٿو ته اليڪشن ٽربيونل جلد کان جلد فيصلا ڪري، هن وڌيڪ چيو ته فارم 45 موجب جيڪي ماڻهو چونڊجي آيا آهن انهن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن.