گھوٽڪي،رائونتي جي ڳوٺ ٽِڳَ شاخ جي سرڪاري اسڪول فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن جو احتجاجي مظاهرو

گھوٽڪي،رائونتي رپورٽ محمد بچل گهنڃو ،رائونتي جي ڳوٺ ٽِڳَ شاخ جي سرڪاري اسڪول فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن جو احتجاجي مظاهرو معصوم شاگردن جو چوڻ هو ته اسان جي اسڪول ۾ فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف گذريل چار ڏينهن کان سرپا احتجاج آهيون تعليم کاتو توڙي جو ضلعي انتظاميا فرنيچر ۽ ٻئي ڪا به سهولت ناهي ڏئي سگهيا ٻه ڏينهن پهريان اسان ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو مگر هن مهل تائين ڪو به کڙٿيل ناهي نڪتو اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ ڪري وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏيون پيا وزير تعليم سيد سردار شاھ نوٽيس وٺي اسان جي اسڪول کي فرنيچر ۽ ٻيو سامان ڏنو وڃي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مطالبو.
تفصيل موجب رائونتي جي ڳوٺ ٺڳ شاخ جو گورنمينٽ لوئر سيڪينڊري ايلمينٽري اسڪول ڳوٺ ٽِڳ 1954 ۾ قائم ٿيو جيڪو ھن جديد دور ۾ به بنيادي سھولتن کان محروم آهي فرنيچر نه ھجڻ سبب 400 شاگرد شاگردياڻين سخت موسمي اثرن کي منھن ڏيندي پَٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن جنھن سبب کين مستقبل داءُ تي لڳل آهي ان ڏس ۾ انھن ڪارو جهنڊو کڻي ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي تعليم جي وزير سنڌ سيڪريٽري تعليم سنڌ ڊائريڪٽر تعليم سنڌ ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي کان اسڪول ۾ فرنيچر توڙي ٻيون سھولتون فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي ٻين ڏينهن اندر فرنيچر ڏيارڻ جو واعدو ڪيو ۽ ضلعي گهوٽڪي جي تمام اسڪولن ۾صحولتون جي کوٽ سيڪريٽري تعليم کي رپورٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو

پنھنجي راءِ لکو