اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو ،گهوٽڪي بائي پاس لڳ چوڌري اعجاز پيٽروليم وٽ ڄڄ کڻي ويندڙ سکر کان ڏهرڪي ويندڙ هائي ايس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾10 عورتن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا ٻه ڄڻا مور اوڏ ۽ دادا اوڏ فوت ٿي ويا جن کي سکر ۽ رحيميار خان ريفر ڪيو ويو زخمين ۾ درشن اوڏ ۔ سهڻو اوڏ ۔ وجي ڪمار ۔۔منٺار ۔۔۔وقار اوڏ ۔۔مائي مورزادي ۔رخسانه ۔نظيران ۔۔روبينه ۔۔۔پري ۔۔خوشبو سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا ٻڌايو پيو وڃي هائي ايس سکر کان ڏهرڪي ڄڄ کڻي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو حادثو روڊ تي ڪمند سان ٽرالين جي رش سبب پيش آيو
