اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو ، اوٻاوڙو لڳ ريتي ويجھو ڳوٺ جمعن ڀٽو ۾ ڪمبوه ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جھڙو ٿي پيو نتيجي 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي ڏھرڪي سرڪار اسپتال آندو ويو جڏهن ته تنوير احمد ڪمبوه جو چوڻ آهي ته اسان جي گھرن مٿان حملو ڪري حاجن ڀٽو، امير ڀٽو، برڪت ڀٽو، رحم ڀٽو امجد ڀٽو کيس اسان جا 8 ڄڻا کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي زخمين ۾ مائي رابعيا، مائي برڪت، مائي حليمه، تنوير ،فدا حسين، سليمان ڪمبوه، شامل آهن انهن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان جو ڪيس داخل ڪيو وڃي
