يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظام: وزيراعظم شهباز شريف چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خراج تحسين پيش ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظامن تي چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم يوم عاشور تي بهترين سيڪيورٽي انتظامن سنڀالڻ تي وفاقي گهرو وزير کي  پڻ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ يوم عاشور جون سرگرميون پرامن طريقي پنهنجي انجام تائين پهتيون، وزيراعظيم چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ پوليس، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪرڻ تعريف جوڳو عمل آهي. صوبن طرفان محرم الحرام دوران بهترين انتظام ڪيا ويا هئا.