قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جوڊيشل ڪميشن کان ايڊهاڪ ججز جي مقرري کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جوڊيشل ڪميشن کي خط لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وقت ڏٺو وڃي ته تاثر ملي ٿو ته تازو ئي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي 8 ۽ 5 ججز جي فيصلي جي فوري بعد ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي تجويز سامهون آئي. خط جي متن موجب هڪ پارٽي جي خلاف سپريم ڪورٽ جي راءِ مساوي ڪرڻ جي قدم جو تاثر نه ملڻ گهرجي. عوام هڪ آزاد ۽ اڻڌري عدليه جي حتمي اسٽيڪ هولڊر آهي. ياد رهي ته جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جسٽس(ر) سردار طارق مسعود ۽ جسٽس(ر) مظهر عالم ميان خيل کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. گذريل ڏينهن چيف جسٽس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ جوڊيشل ڪميشن هڪ سال جي لاءِ ٻن نالن جي منظوري ڏني.