ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال: مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ طلب

مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف جي قيادت هيٺ سمورا ليگي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سميت سينئر صوبائي وزير به شامل ٿيندا. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ(ن) طرفان سموري سينئر قيادت کي لاهور طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) ليگل ٽيم پارٽي صدر کي اجلاس ۾  موجوده قانوني صورتحال تي بريفنگ ڏيندي، اجلاس پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ منعقد ڪيو ويندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اتحادي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ سميت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي باري ۾ مشاورت ڪئي ويندي، سمورن اڳواڻن جي مشاورت کان پوءِ پارٽي جو آئنده جو لائحه عمل ترتيب ڏنو ويندو.