اسلام آباد،وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز لنڊن مان ملڪ واپس پهچي ويو

اسلام آباد، وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز لنڊن مان ملڪ واپس پهچي ويو سليمان شهباز پرڏيهي ايئرلائين جي اڏام ايس وي 726 ذريعي لنڊن کان رات دير سان ڏيڍ وڳي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو
سليمان شهباز اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ نجي جهاز ذريعي لاهور لاءِ روانو ٿي ويو. ياد رهي ته سليمان شهباز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان 13 ڊسمبر تائين حفاظتي ضمانت وٺي ڇڏي آهي ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان سليمان شهباز جي گرفتاري کان روڪڻ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته سليمان شهباز جي حفاظتي ضمانت جي لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري آهي سليمان شهباز ٻن ڏينهن جي آرام کان پوءِ 13 ڊسمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سرينڊر ڪندو. هو آڪٽوبر 2018 ۾ پرڏيهه ويو ته سندس خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هو پرڏيهه ۾ئي ترسيل هو.

پنھنجي راءِ لکو