وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس سڀاڻي، طلب پي ٽي آءِ تي پابندي بابت منظوري ورتي ويندي

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه جو انتهائي اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪر يورتو آهي. ذريعن موجب وزيراعٿظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي بابت منظوري ورتي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪارروائي جي منظوري به ورتي ويندي ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائيندي ۽ عمران خان، عارف علوي ۽ قاسم سوري تي آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهي فيصلي تي مسلم ليگ(ن) جي اتحادين طرفان اعتراض اٿاريندي چيو ويو هو ته حڪومت انهي معاملي تي  اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي لاءِ مسلم ليگ(ن) جي هڪ ڪميٽي جوڙي هئي.