ڏهرڪي ۾ عبدالحق عرف ميان مٺو پريس ڪانفرنس ڪندي

اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو ،ڏهرڪي ۾ عبدالحق عرف ميان مٺو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مونتي برطانيا طرفان پابندي مڙهڻ جو فيصلو هڪ طرفو آهي مونتي جبري مسلمان ڪرڻ ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادي وارا الزام سراسرڪوڙا آهن مان ان جي خلاف برطانيه جي هاء ڪمشين آڏو احتجاج جمع ڪرائيندس ۽ مان پاڪستان جي اسلامي نظرياتي ڪائونسل سميت پاڪ ،آرمي حڪومت پاڪستان ۽ ايمبيسي ۾ انصاف لاء پنهنجو ڪيس پيش ڪندس هن چيو ته رينڪل ڪماري فريال هن وقت ديني مدرسو کوليو آهي جتي قرآن جي تعليم ڏئي رهي آهي هن چيو ته فريال عمرو به ڪري آئي آھي ۽ عالمه جي اسلامي تعليم پرائي اٿس هن چيو ته مونتي ثابت ڪن ته مان ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرايون آهن حالانڪه اسلام ۾ ننڍي عمر جي شادي جي روڪ ٽوڪ ڪونهي هن چيو پ پ پ وارا بت پرستي ڪن ٿا۽ هندن کي پروموٽ ڪن ٿا هن چيو ته مون وٽ جيڪو به غير مسلم اسلام قبول ڪرڻ ايندو آهي انهن کي مائٽن سان ملائڻ بعد مسلمان ڪندا آهيون……

پنھنجي راءِ لکو