(ن) ليگ کان پوءِ پيپلز پارٽي به مخصوص سيٽن جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ(ن) کان پوءِ پيپلز پارٽي به مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي طرفان فاروق ايڇ نائيڪ 12 جولاءِ جي مخصوص سيٽن جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي جنهن ۾ مخصوص سيٽن جو 12 جولاءِ جو فيصلو واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مخصوص سيٽون پيپلز پارٽي کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ بطور هڪ پارٽي قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي خلاف مسلم ليگ(ن) اڳ ئي نظرثاني جي درخواست داخل ڪري چڪي آهي پر سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي نظرثاني درخواست کي سيپٽمبر جي موڪلن کان پوءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيف جسٽس اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو ۽ راءِ ڏني ته گرمين جون موڪلون ملتوي ڪري نظرثاني ٻڌڻ گهرجي. ججز کي آرام کي نه پر آئين کي ترجيح ڏيڻ گهرجي جيڪڏهن فوري طور تي نظرثاني درخواست کي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو ته اها ناانصافي ٿيندي.