سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته موجوده سياسي عدم استحڪام جو ذميوار عمران خان آهي، جڏهن عدالتن ۾ منهنجي خلاف ڪيس هلي رهيا هجن ته مان قانون ۽ جمهوريت جو علمبردار نٿو بڻجي سگهان، مون ڪجهه وقت اڳ ٻڌايو هو ته عمران خان جي ويجهي ساٿي فيض حميد 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه ۾ عمران خان جي ملوث هجڻ جا ثبوت ڏنا هئا. عمران خان پاڻ اعتراف ڪيو هو ته هن پنهنجي ڪارڪنن کي جي ايڇ ڪيو وڃڻ جو چيو هو. ماضي ۾(ن) ليگ، پ پ، جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم به اسٽيبلشمينٽ جو مقابلو ڪيو پر اهي سڀ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي لاءِ ويهي رهيا فيصل واوڊا کان پڇيو ويو ته ڇا فيض حميد 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو جي سامهون احتجاج ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. فيصل واوڊا جواب ڏنو ته اهو فيض حميد جو مشورو نه هو پر عمران خان انهي سڄي راند جو حصو هو فيصل واوڊا چيو ته حڪومت کي ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت يا مارشل لا جو خطرو نه آهي پر(ن) ليگ جي اندر جاري اقتدار جي جنگ کان خطرو آهي. آءِ ايم ايف راندين واري وزير کان ڊيل ڪري ورتي آهي ان کان بهتر آهي ته وزير پنهنجي نالائقي مڃي وٺن ته قوم سندن وڌيڪ عزت ڪندي.(ن) ليگ پنهنجا جهيڙا وڌائي ملڪ کي سياسي عدم استحڪام طرف نه کڻي وڃي هن چيو ته هن وقت معيشت بهتري طرف آهي، وياج جي شرح هيٺ اچي وئي آهي انهي جو مطلب آهي ته مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي. بجلي معاهدن تي آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. آءِ پي پيز سان ڊالرن ۾ ادائيگي جا معاهدا به انهن سياسي پارٽين ڪيا هئا. آءِ پي پيز بجلي ڏئي يا نه ڏئي پر حڪومت انهن کي پئسا ڏيندي. مخصوص سيٽن جي فيصلي تي عمل نه ٿيندو اليڪشن ڪميشن، پارليامينٽ، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ صدر رستي ۾ بيٺل آهن. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ ۽ آئين جي تشريح ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي، انهي تاثر کي ختم ڪرڻو آهي ته جوڊيشل مارشل لا لڳي ويو، 9 مئي تي اسٽيبلشمينٽ واضح آهي. هاڻ ڀلي ڪيترا به آرمي چيف اچن پر فوج پنهنجي جهيڙي ۾ مستقل رهندي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۾ به سٺا ماڻهو آهن، انهن کي اڳيان اچڻ ڏنو وڃي، منهنجون 90 سيڪڙو اڳڪٿيون صحيح ثابت ٿيون آهن. سيپٽمبر، آڪٽوبر ۾ سياست ۾ گرمي هوندي پر حڪومت کي ڪنهن به قسم جو خطرو نه آهي، پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ جي ضرورت نه آهي. فارورڊ بلاڪ به سوچي سمجهي آندو ويندو.