سنڌ جي وڏي وزير شادي لارج ڀرسان ايل بي او ڊي سم نالي تي ريگيوليٽر ۽ انڊر پاس سائيفن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ شادي لارج ڀرسان ايل بي او ڊي سم نالي تي ريگيوليٽر ۽ انڊر پاس سائيفن جو افتتاح ڪيو، انهي موقعي تي سنڌ سيد مراد علي شاھ کي سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو ايل بي او ڊي سم نالي جي سسٽم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ آبپاشي جي وزير ڄام خان شورو ، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ، ايم پي اي ارباب لطف الله ، تاج محمد ملاح ، ارباب امان الله ، اسماعيل راهو ، مير الله بخش ٽالپر ، سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ ڪمشنر حيدرآباد  ۽ ٻيا شريڪ هئا. آجياڻي تقرير ارباب لطف الله ڪئي ارباب لطف الله ڳالهائيندي چيو ته اسان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر پاڪستان آصف علي زرداري ادي فريال ٽالپر جا شڪر گذار آهيون جنهن ايل بي او ڊي جي آر ڊي نمبر 210/211 جي سائفن اسپائنل ڊرين ريگيوليٽر جو ڪم ڪرائي بدين ۽ ٿرپارڪر کي نقصان  کان ٻاهر ڪڍيو آهي، ايريگيشن کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو خطاب ڪندي چيو ته اسان تمام واهن جي کوٽائي جو ڪم ڪري رهيو آهيون، ايل بي او ڊي جو اهم  مسئلو هو جيڪو حل ٿي ويو آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته آئون سَڀ کان پهريان ٿورائتو آهيان بدين ضلعي جي عوام جو جنهن اسان کي اليڪشن ۾ چونڊي خدمت جو موقعو ڏنو، اڄ اسان ايل بي او ڊي آر ڊي 210/211 وٽ سائيفن اسپائنل ڊرين ريگيوليٽر جو ڪم ڪرايو آهي جنهن ۾ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ بلاول ڀٽو زرداري جو اهم ڪردار آهي  هن چيو ته ايل بي او ڊي جو وڌيڪ ڪم ڪرائي ايل بي او ڊي کي مضبوط ڪيو ويندو ، بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان سنڌ. جي ٻوڏ متاثرن کي 21 لک گهر ڏنا پيا وڃن جن مان هڪ لک سٺ هزار گھر مڪمل ڪيا ويا آهن  هن چيو ته سنڌ حڪومت گريڊ هڪ کان 16 تائين جلد  نوڪريون ڏنيون وينديون  اڳئي به پيپلزپارٽي ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن