خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن بنون امن جرڳي جي مختلف مطالبن سان اتفاق ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور جي صدارت ۾ ٿيندڙ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کان علاوه بنون جرگه جا ميمبر شريڪ ٿيا، ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن بنون، امن جرڳي جي مختلف مطالبن سان اتفاق ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ منعقد ايپڪس ڪميٽي جي گڏيل اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. پڌرنامي موجب دهشتگرد هر روپ ۾ مذمت جوڳو آهي انهي جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير پوليس کي هٿياربند، غير سرڪاري شخص جي خلاف به قانوني ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ڪنهن به غيرسرڪاري هٿياربند گروپ جي آفيس، اڏي يا چيڪنگ غيرقانوني آهي ۽ انهي جي خلاف پوليس صوبي ۾ بنا ڪنهن فرق جي قدم کڻي.ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن بابت عسڪري ادارن چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته صوبي ۾ ڪوبه آپريشن نه ٿي رهيو آهي. مقامي طور تي دهشتگردن خلاف ڪارروائي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ڪندي. ڪجهه علائقن جي نوعيت، جغفرايه ۽ بارڊر کان ويجهو هجڻ سبب پاڪ فوج کان مدد ورتي ويندي. پڌرائي موجب پوليس کي هر وقت ۽ باقاعده گشت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پوليس کي صوبي ۽ خاص طور تي ڏاکڻي ضلعن ۾ وڌيڪ نفري ۽ گاڏيون ڏنيون وڃن. ان سان گڏ ئي نيون نوڪرين جاري ڪرڻ ۾ ڏاکڻي ضلعن کي ترجيح ڏني ويندي.