اسلام آباد، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف 5 ڪيسن کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 13 ڊسمبر جي لاءِ عمران خان خلاف 5 ڪيس ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو ڪيس، عمران خان کي پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ بابت 2 ڪيس ۽ عمران خان پاران چونڊ خرچ جمع نه ڪرائڻ بابت به ڪيس ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيسز بينچ جي غير موجودگي سبب ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن. 13 ڊسمبر جي ڊي لسٽ ٿيندڙ ڪيسز جي هاڻ ٻڌڻي 20 ڊسمبر تي ٿيندي اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيسز جي ٻڌڻي سڀاڻي ئي ڪندو جڏهن ته ڊي لسٽ ڪيل ڪيسز جي ٻڌڻي هاڻ 20 ڊسمبر تي ٿيندي
