ڪراچي ۾ ٽئين شادي جي خواهش تي ڀاءُ پنهنجي سڳي ڀيڻ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.b پوليس موجب قتل جو واقعو ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ پيش آيو جتي جوابدار ٽئين شادي جي خواهش تي ڀيڻ مٿان فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب مقتوله عورت جا 2 مڙس اڳ ئي فوت ٿي چڪا هئا جنهن کان پوءِ هاڻ هُن ٽئين شادي ڪرڻ چاهي ٿي، ٽئين شادي جي خواهش تي ڀيڻ ڀاءُ ۾ جهيڙو ايترو وڌي ويو جو ڀاءُ ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪري ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مقتوله عورت جي عمر 42 سال آهي ۽ قتل ٿيل عورت جا 8 ٻار به آهن جيڪي ٻنهي مڙسن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڀاءُ وٽ ترسيل هئا.