آءِ پي پيز 24 ڪروڙ ماڻهن جو مسئلو آهي، عوامي حقن جي جنگ وڙهنداسين، بجلي سستي ڪرائينداسين: انوارالحق ڪاڪڙ

اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آءِ پي پيز جو مسئلو انڊسٽري سميت 24 ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي، اهو معاملو سينيٽ ۾ به بحث هيٺ آهي، عام ماڻهن جي حقن لاءِ اها جنگ به وڙهنداسين ۽ يقين آهي ته کٽينداسين. ايف بي سي سي آءِ ۾ آءِ پي پيز بابت پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪنهن کي الٽو لٽڪائڻ جون ڳالهيون نه ڪنداسين پر مستقبل ۾ بجلي سستي ڪرائينداسين، سوشل ميڊيا جا نجومي مايوسي پکيڙي رهيا آهن پر ملڪ جو مستقبل روشن آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آءِ پي پيز جو مسئلو اٿاري پوائنٽ اسڪورنگ نه پيا ڪريون ڳالهين سان انهي مسئلي جو حل ڪڍنداسين، ايتري مهانگي بجلي سان ملڪ نٿو هلي سگهي انهي جو حل ڪڍڻو پوندو، بزنس ڪميونٽي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. اڳوڻي نگران واپار واري وزير گوهر اعجاز چيو ته آءِ پي پيز سرڪاري ادارن جي ڪوتاهي عوام تي وجهي رهي آهي، سمورو پاڪستان هڪ ئي آواز سان چئي رهيو آهي ته ماڻهو آءِ پي پيز سان متاثر آهن. آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا ختم ڪرڻ جو طريقو هر صورت ۾ ڳولڻو پوندو.ايف پي سي سي آءِ جي پيٽرن انچيف عاطف اڪرم چيو ته آءِ پي پيز جي معاملي تي عدالت سان رابطي ۾ آهيون،  موجوده ٽيرف تي انڊسٽري نٿا هلائي سگهون.