جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان جو ڪوبه ذاتي مقصد نه آهي، اسان آءِ پي پيز کي لغام ڏيڻ چاهيون ٿا. لياقت باغ راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته 25 ڪروڙ جي عوام کي حق ملڻ کان سواءِ ڌرڻو ختم نه ٿيندو. اسان جو ڪوبه ذاتي مقصد نه آهي، آءِ پي پيز کي لغام ڏيڻ چاهيون ٿا. آءِ پي پيز مسڪين عوام جو رت چوسي رهي آهي هنن جي معياد پوري ٿي چڪي آهي، اسان چاهيون ها ته ڊي چوڪ پهچندي ئي اهو ڌرڻو ختم ڪريون ها پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏنو. حڪومت ڪنهن به وسوسن ۾ نه رهي اسان هتان واپس نه وينداسين هاڻ وڌيڪ قافلن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سول ۽ فوجي بيورو ڪريسي جاگيردار سرمائيدار اسان تي پنهنجون معاشي پاليسيون مڙهين ٿا، هاڻ انڊسٽري وارا واپاري به بل نٿا ڏئي سگهن. اسان بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا. راولپنڊي، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ واپاري چون ٿا ته اسان انڊسٽري نٿا هلائي سگهون. ملڪ ۾ حڪمران انارڪي پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڳالهيون نه ٿيون، بجلي جا بل گهٽ نه ڪندو ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ختم نه ڪندو اسان جو دٻاءُ وڌندو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻڌائينداسين ته معيشت ڪيئن هلائڻي آهي، اهو ڌرڻو هتي نه رهندو، سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويندو. ماڻهن کي رليف ڏيڻو پوندو. اسان طرفان مشاورت جو عمل جاري آهي پوءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪنداسين. لياقت بلوچ کي ذميوار بنائڻو آهي، حڪومت جنهن ماڻهو جو نالو ڏنو آهي اهو ملڪ ۾ نه آهي. اها حڪومت جي سنجيدگي آهي. حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو ڪري ۽ لياقت بلوچ سان ڳالهيون ڪري، عوام کي رليف ڏيڻو پوندو. ڊي چوڪ تي وڃڻ ڪوبه مسئلو نه آهي. جڏهن چاهينداسين سمورا آپشن کليل آهن.