خيبرپختونخواهه جي حڪومت 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي معاملي تي پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. قانون واري وزير آفتاب عالم موجب خيبرپختونخواهه حڪومت چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيف جسٽس سان جوڊيشل ڪميشن جي قيام جي استدعا ڪئي وئي آهي قانون واري وزير ٻڌايو ته چيف جسٽس جوڊيشل ڪميشن جي لاءِ جج جو نالو ڏينداسين پر چيف جسٽس جي طرفان في الحال جواب نه مليو آهي. واضح رهي ته خيبرپختونخواهه ڪابينه جوڊيشل ڪميشن جي قيام جي منظوري ڏني هئي جيڪو هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ قائم ٿيندو. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه ڪابينه 9 مئي واقعن جي جوڊيشل انڪوائري جي منظوري ڏيندي چيو هو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث اصل ڪردارن کي سامهون آڻينداسين