راولپنڊي، توشه خانه،عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ

راولپنڊي، ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،راولپنڊي جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال ٻڌڻي ڪئي،اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته عمران خان ۽ ان جي گهر واري توشه خانه مان 58 تحفا ورتا. 3 سالن دوران ورتل 58 شين جي ماليت 142 ملين روپيه آهي،اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موجب سال 2018-19 ۾ ان وقت جي وزيراعظم عمران خان توشه خانه مان تقريبن 107 ملين روپين جا تحفا ورتا ۽ هينئر تائين عمران خان اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيو ته گهڙي ڪيتري ۾ وڪرو ڪئي. ڪيس گهڙي جي باري ۾ نه پر ڪيس عمران خان طرفان جمع ڪرايل اثاثن جي حوالي سان آهي،سعد حسن چيو ته جيڪڏهن ڪي شيون ٽرانسفر ٿيون ته ان جو به گوشوارن ۾ ظاهر ڪرڻ لازمي آهي. ائين نٿو ٿي سگهي ته توشه خانه مان تحفا وٺي ظاهر نه ڪيا وڃن
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته عمران خان طرفان سال 2020-21 جي گوشوارن کي اليڪشن ڪميشن صحيح مڃي ٿو. سال 2020-21 تائين توشه خانه جو معاملو قومي اسيمبلي ۽ ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ اچي چڪو هو. وڪيل سعد حسن پنهنجي موقف ۾ چيو ته عمران خان جو توشه خانه جو طريقيڪار مني لانڊرنگ وارو آهي. عمران خان ٻڌائڻ جو پابند هو ته ڪهڙي تحفي کي ڪهڙي طرح وڪرو ڪيو. ڪنهن کي به عمران خان جي گهر وڃي ناهي ڏسڻو ته تحفا آهن يا نه. هن کي پاڻ تحفن کي گوشوارن ۾ ظاهر ڪرڻو هو،اليڪشن ڪميشن جي وڪيل وڌيڪ چيو ته توشه خانه تحفن جي رقم ڪنهن ٻئي ادا ڪئي يا روڪ رقم ڏني وئي. 11 ملين جو ٽيڪس لڪايو ويو پر اهو معاملو ٽيڪس اٿارٽيز جو آهي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته عمران خان جا 18-2017 ۽ 21-2020 جا گوشوارا صحيح آهن ۽ 19-2018 ۽ 20-2019 جا گوشوارا تڪراري آهن. 2021 ۾ اها رقم ظاهر ڪئي وئي جيڪا گذريل 2 سالن ۾ ناهي ڪئي وئي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

پنھنجي راءِ لکو