ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، ڪيترائي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، راولپنڊي سميت ٻين شهرن ۾ طوفاني برساتن سبب ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب تيز برسات سبب اسلام آباد جون گهٽيون تلائن جو منظر پيش ڪرڻ لڳيون جڏهن ته ٽريفڪ جي آمد رفت متاثر ٿيڻ سان شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اسلام آباد شهر جي هيٺاهين وارن علائقن جي روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو جڏهن ته تعمير هيٺ پارڪ روڊ تي پاڻي جمع ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، روڊ سان گڏ ڪچي جي حصي ۾ گاڏين جي ڦاسڻ جو امڪان آهي. ان سان گڏ ئي ايڪسپريس هاءِوي جي تعمير هيٺ حصي جي ناهموار سطح ۾ به پاڻي جمع ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي گولره ۾ به تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، مري روڊ تي لينڊ سلائيڊنگ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مري ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب رابطي لاءِ روڊ بند ٿي ويا، جڏهن ته نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) اربن فلڊ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ انتظاميه رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. لاهور ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب موسم بهتر ٿي ويو، جهلم ۽ ڀرپاسي ۾ هلڪي برسات سبب گرمي ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. اين ڊي امي اي لاهور، فيصل آباد، سيالڪوٽ، نارووال، گوجرانوالا، سرگودها، گجرات، راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.