پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اسان جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي سپورٽ ڪريون ٿا. جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بجلي جي مسئلي ۽ مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ۽ هن ملڪ ۾ سياسي طور تي وڏو عدم استحڪام آهي. شبلي فراز چيو ته اسان جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي سپورٽ ڪريون ٿا، مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪنداسين ۽ ممڪن آهي ته جماعت اسلامي کي عملي طور تي سپورٽ ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت ڪڏهن 9 مئي ۽ ڪڏهن قلم 144 جي پٺيان لڪي سياست ڪري رهي آهي انهي جي ڪابه سياسي حيثيت نه آهي. ياد رهي ته جماعت اسلامي طرفان بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف چئن ڏينهن کان راولپنڊي ۾ ڌرڻو جاري آهي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم تازو ئي پنهنجي خطاب ۾ سمورن طبقن کان تحريڪ انصاف جو حصو بنجڻ جي درخواست ڪئي هئي.