اوٻاوڙو لڳ جھنگل ملڪ جي مستاني شاھ قبرستان مان قيمتي وڻ وڍرائي ڪاٺيون چوري ڪندڙن مٿان پوليس جي ڪاروائي

اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو اوٻاوڙو لڳ جھنگل ملڪ جي مستاني شاھ قبرستان مان قيمتي وڻ وڍرائي ڪاٺيون چوري ڪندڙن مٿان پوليس جي ڪاروائي ماڻهو فرار ٽريڪٽر ٽرالي قيمتي ڪاٺ پوليس جي تحويل ۾
تفصيلات موجب: ريتي لڳ جھنگل ملڪ جي مستاني شاھ قبرستان مان قيمتي وڻ وڍي ڪاٺ چوري ڪيو پئي ويو ته علائقي وارن جي اطلاع تي ريتي پوليس مٿان ڪاروائي ڪئي آهي جنهن ۾ ماڻهو فرار ٿي ويا آهن ٽريڪٽر ٽرالي ۽ قيمتي ڪاٺ پوليس جي تحويل۾ آهن، ريتي پوليس جو چوڻ آهي ته اسان علائقي واسين جي اطلاع تي اسان ڪاروائي ڪئي آهي جنهن ڪاٺيون وڍائيندڙ اسلم چارڻ چئي ٿو ته اسان ڪاٺ وڪڻي قبرستان جي چارديواري ٺهرائيندا سين وڌيڪ حد اوٻاوڙو ٿاڻي جي آهي اسان جاچ انهن حوالي ڪيو آهي

پنھنجي راءِ لکو