سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ انتظاميا ڪتابن جي ورهاست واري عمل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو رياض حسين وساڻ، بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين پرويز احمد بلوچ، ڊائريڪٽر اسڪولز ايجوڪيشن سيڪينڊري حيدرآباد غلام سرور ملاح، ڊائريڪٽر ميرپورخاص اقبال حسين ڪنڀر، ڊائريڪٽر اسڪولز ايجوڪيشن پرائمري حيدرآباد ممتاز علي نوتڪاڻي، ضلعي ايجوڪيشن آفيسر عبدالڪريم سومرو، سنڌ جي ناميارن ڏات ڌڻين ادل سومرو، سيد زوار حسين نقوي، نياز پنهور، ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر انور علي شاهه، اصغر ميمڻ، امير ابڙو ۽ ضلعي ڄامشورو جي ايجوڪيشن تعلقي آفيسرن درسي ڪتاب ورهائڻ واري سلسلي جو گڏجي افتتاح ڪيو ۽ گاڏين ۾ ڪتاب رکي سنڌ جي هر ٻار جي هٿن ۾ ڪتاب پهچائڻ واري عزم کي ورجايو. سنڌ جي تعلقي سطح تائين درسي ڪتاب موڪلڻ لاءِ ڪتابن جون گاڏيون ڀرائڻ ۽ لاڳاپيل علائقن جي گودامن ڏانهن موڪلڻ واري عمل کانپوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ مفت درسي ڪتاب پهچائڻ جو ڪم اڄ کان شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ تعليم کاتي جي عملدارن توڙي سنڌ جي قلمڪارن حصو ورتو، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ 44 لک 53 هزار ڪتابن جا سيٽ تيار ڪري تعلقي سطح تائين موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو عمل 15 آگسٽ تائين مڪمل ڪيو ويندو. چيئرمين عبدالعليم لاشاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي خاص هدايتن تي نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هر ٻار جي هٿن ۾ ڪتاب هوندو. هن چيو ته 15 آگسٽ کانپوءِ هر تعلقي جي گودامن جو دورو ڪري ڪتابن جي ورهاست واري عمل جو جائزو ورتو ويندو.