اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب ترميم بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا وقتي صدر آرڊيننس پاس ڪري سگهي ٿو يا نه؟ نيب ترميمي آرڊيننس 2024 جي داخل درخواست تي اعتراض سان گڏ ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ چيف جسٽس عامر فاروق پٽيشن تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا، درخواستگذار شهري ملڪ ناجي الله طرفان وڪيل محمد اظهر صديق عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نئين ترميمي آرڊيننس ۾ ريمانڊ جو ٽائيم 14 مان وڌائي 40 ڏينهن ڪيو ويو آهي ۽ بدنيتي تي ڪيس داخل ڪندڙ آفيسر جي سزا 5 سالن کان گهٽ ڪري 2 سال ڪئي وئي آهي. پي ڊي ايم نيب قانون ۾ 3 ڀيرا ترميم ڪري چڪي آهي، هاڻ اهو نئون ترميمي آرڊيننس اچي ويو آهي جنهن کي پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو. وڪيل پنهنجي دليلن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته 14 ڏينهن کان وڌيڪ ريمانڊ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. بدنتي تي ٻڌل ڪوڙو ڪيس ٺاهيندڙ آفيسر جي سزا صرف 2 سال ڇو؟ نيب ريفرنس جا جوابدار 14-14 سال جون سزائون ڀوڳيندا آهن، اهو هڪ ظالماڻو قانون آهي، ترميمي آرڊيننس کي فوري طور تي واپس وٺڻ گهرجي اهو آرڊيننس به پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ کان سواءِ پاس ڪيو ويو اهو قانوني گهرجن جي خلاف آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته اهم سوال اهو آهي ته ڇا وقتي صدر آرڊيننس پاس ڪري سگهي ٿو يا نه؟ عدالت صدارتي آرڊيننس بابت سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڏسڻ جي هدايت ڪندي اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ جواب طلب ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.