پشاور، عوام تياري ڪري وٺي: چوڌري نثار چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور، اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر چوڌري نثار روات ويجهو هڪ اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته عوام هاڻ تياري ڪري مان چونڊن ۾ حصو وٺندس ۽ چونڊن کان پوءِ فيصلو ڪندس ته ڪهڙي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته مان گارين جي موجوده سياست جو حصو نٿي بنجڻ چاهيو ان ڪري گذريل چئن سالن کان خاموش هئس پر هاڻ مون قومي اسيمبلي جي ٻنهي تڪن تان چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عوام تياري ڪري وٺي. اسان هن ڀيري نئين طريقي سان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين ياد رهي ته چوڌري نثار علي خان 2018 جي چونڊن ۾ آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ حصو ورتو هو. هن کي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي شڪست ملي هئي پر هو صوبائي اسيمبلي جي سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو

پنھنجي راءِ لکو